ابڙو غلام ھالائي

ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف الله خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 جولاءِ 1920ع تي ننگر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي استاد سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. استاد بيبي خان ۽ استاد منظور علي خان سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 آگسٽ 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.07.04  عيسوي

ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ” غلام “ ولد لطف الله خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 جولاءِ 1920ع تي ننگر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو .


1984.08.27  عيسوي

غلام ابڙو هالائي 27 آگسٽ 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد اختر حڪيم
صالح بن عبدالرحمــٰن
الطاف حسين 2
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
اسد الله ڀٽو مولانا
سومر مرکنڊ
سيد قادر بخش شاهه
تبسم صوفي
ٿامس هنٽ مورگن
ابڙو شمس الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون